ثابت بن دحداح

ثابت بن دحداح: حضرت بن دحداح'>ثابت بن دحداح، حضور صلي الله عليه وسلم جن جو اصحابي هو. سندس ڪنيت ابوالدحداح ۽ بلي قبيلي جي خاندان انيف مان هو. هجرت کانپوءِ اسلام قبول ڪيائين ۽ ڪيترين ئي غزوات (اهي جنگيون، جن ۾ پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم عملي طور شريڪ ٿيا هجن) ۾ حصو ورتائين. غزوه احد ۾ جڏهن مسلمان لڙائي کان پاسو ڪرڻ لڳا تڏهن بن دحداح'>ثابت بن دحداح انتهائي ثابت قدمي ۽ عزم ۽ استقلال جو ثبوت ڏنو. مڪي جي چند ڪافرن سندس اها شجاعت ڏسي مٿس حملو ڪري ڏنو ته جيئن مسلمانن جي همت افزائي ڪرڻ وارو ڪو به شخص باقي نه رهي ۽ انهيءَ حملي ۾ ثابت کي بن وليد'>خالد بن وليد نيزو هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، انهيءَ زخم کان علاج ذريعي عارضي طور تندرستي ملي، پر غزوه حديبيه کان پوءِ اهو ساڳيو زخم ٻيهر اڀريو ۽ سندس شهادت انهيءَ زخم جي تڪليف سبب ٿي.


لفظ ثابت بن دحداحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو